حمل فقير جو ڪلام

حمل فقير جو ڪلام

حمل فقير جو ڪلام

حمل فقير جو ڪلام (ڪتاب): حمل فقير جو ڪلام عرف ڪليات حمل نامياري صوفي شاعر حمل فقير لغاريءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ادب جي وڏي محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ حمل فقير جي سموري ڪلام کي وڏيءَ محنت ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ سان گڏ مرتب ڪيو آهي. ڪتاب کي ٽن ڀاڱن: (1) سنڌي ڪلام، (2) سرائڪي ڪلام ۽ (3) هندي ڪلام ۾ ورهايو ويو آهي. ان کانسواءِ مختلف ڇاپن جا ضميما به شامل آهن. ڪتاب جو تفصيلي مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 366 صفحا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1953ع، ٻيو ڇاپو ڊسمبر 1957ع ۾، ٽيون ڇاپو مارچ 1968ع ۾، چوٿون ڇاپو نومبر 1982ع ۾، پنجون ڇاپو ڊسمبر 1991ع ۾ ۽ ڇهون ڇاپو جولاءِ 2004ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري شايع ڪيو ۽ اُن جي قيمت 150 روپيا آهي.


لفظ حمل فقير جو ڪلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو